اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي عهدو سنڀالڻ تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مبارڪباد جا پيغام مليا آهن. چيڪ ري??بلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي اسحاق ڊار کي پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته چيڪ ري??بلڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان دوستاڻا ۽ تعميري لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي پرڏيهي وزير موسي ضمير پڻ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي مبارڪباد ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير ديميٽرو ڪوليبا اسحاق ڊار کي پاڪستان جي 39 هين پرڏيهي وزير طور مقرر?? تي مبارڪباد ڏيندي کيس انتهائي ذميواراڻي مشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آئون يوڪرين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي ۽ عالمي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو منتظر آ??يان. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي پوسٽ ۾ چيڪ ري??بلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي جي مبارڪباد جي پيغام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آئون گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستان ۽ چيڪ ري??بلڪ جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو منتظر آ??يان.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي عهدو سنڀالڻ تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مبارڪباد جا پيغام
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا