اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران ڀارت جي غ??رق??نوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ ٻي سياسي پارٽي ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ کي غ??رق??نوني ق??ار ڏيڻ جي فيصلي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان فيصلي کانپوءِ ڀارت جي غ??رق??نوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غ??رق??نوني ق??ار ڏني ويندڙ ڪشميري سياسي پارٽين جو انگ 9 ٿي ويو آهي جن جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظ??م ۽ ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ جو چيئرمين نعيم احمد خان 2017ع کان ڀارتي جيل ۾ بند آهي. هن چيو ته ڀارت جي غ??رق??نوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اها جابراڻا قدم عالمي انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادن جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت ڪشميري پارٽين تان پابنديون فوري طور تي هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن تي فوري عملدرآمد ڪري. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي فيصلي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania