اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٻين ملڪن ??ان پاڪستان جي فضائي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوامي رابطا وڌائي پاڪستان جي س??احتي شعبي جي صلاحي?? مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ص??ر ۾ ايئر ايشيا ايوي ايشن گروپ جي وفد ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، ملڪ ۾ سياحت خاص طور تي مذهبي س??احت جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر چيو ته پاڪستاني اسٽا?? مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. آصف علي زرداري چيو ته سيڙپڪار پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وفد صدر کي ايئر ايشيا ايوي ايشن گروپ ۽ ان جي فلائيٽ آپريشنز بابت ٻڌايو.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II