اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناليواري ??المي ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پاڪستان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪرڻ جي قدم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پهريون ڪروم بڪ پيش ڪيو ويو. ”اي گوگل پاڪستان اڳتي وڌو“ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سطح تي ۽ پاڪستان ۾ گوگل جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ان جي حصيداري ۽ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ملڪ جي نوجوان ??سل انفارميشن ??يڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي قابل آهي جيڪا پاڪستان جي معاشي تر??ي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??گهي ٿي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي تعليم ۽ بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻينديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت ايندڙ 5 سالن ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جو هدف 25 ارب ڊالر مقرر ڪيو آهي جيڪو حاصل ڪري ??گهجي ٿو. هن آءِ ٽي ماهرن ۽ صنعتڪارن کي چيو ته اهي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ??دارن ۽ فري لانسرز کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ هدف حاصل ڪرڻ ۾ حڪومت جي مدد جي لاءِ هڪ منصوبو پيش ڪن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي عوام جي بهترين مفاد ۾ وڏي پئماني تي بدعنواني مان ڇوٽڪاري ??ي لاءِ ملڪ جي گورننس سسٽم کي مڪمل طور تي پيپرليس ۽ ڊيجيٽلائيزڊ ڪرڻ جو عزم ڪيو. هن چيو ته حڪومت شفاف طريقي سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي وزارت جي لاءِ هڪ نئين سيڪريٽري ??ون خدمتون حاصل ڪيون آهن. انفارميشن ??يڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن ??اري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان ۾ گوگل جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، گوگل وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت پاڪستان جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هيو آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سان اسان هدف حاصل ڪري ??گهون ٿا، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻو آهي، 75 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس جي فني صلاحيتن کي وڌيڪ ٺوس ڪرڻو آهي. گوگل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر فرحان قريشي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته انفارميشن ??يڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻ سان ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۾ فري لانسرز جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، گوگل ڊيٽا ايناليٽڪس، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر س??ڪيورٽي تي 4 کان 6 مهينن جي عرصي جا ڪورسز ڪرائي رهيو آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا. ان موقعي تي گوگل جي اي پي اي سي ريجن جي صدر اسڪاٽ بيو مونٽ وزيراعظم کي مقامي طور تي تيار ڪيل پهريون ڪروم بُڪ پيش ڪيو.
گوگل پاڪستان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪرڻ جي قدم جي شروعات ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف کي پهريون ڪروم بُڪ پيش
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں