سڊني – 21 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪريڊٽ ڪارڊ جي فراڊ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 23-2022 د??ران ڪريڊٽ ڪارڊ جو فراڊ ڪندڙن آسٽريلوي شهرين کان اربين ڊالر ڦري ورتا. شنهوا آسٽريليا جي انگن اکرن واري اداري جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته 2023 دوران 15 سال يا ان کان وڌي عمر جا 18 لک ماڻهو ان جو شڪار ٿيا، ان عرصي دوران شهرين کي 2.2 ارب آسٽريلين ڊالر (1.4 ارب آمريڪي ڊالر) جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. انهن متاثرن مان هڪ ڀاڱي ٽي جو نقصان 100 آسٽريلوي ڊالر کان گهٽ جڏهن ته 17.8 سيڪڙو کي 1000 آسٽريلوي ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. انگن اکرن مطابق 54-45 سالن جي عمر جي ماڻهو ۾ ڪارڊ فراڊ جو شڪار ٿيڻ جي شر?? سڀني کان وڌيڪ 11.5 سيڪڙو هئي، ان کانپوءِ 44-35 ۽ 64-55 سالن جي عمر جا ماڻهو هئا. 24-15 سالن جي عمر جي ماڻهن ۾ ڪارڊ فراڊ جي شر?? 3.9 سيڪڙو رهي.
آسٽريليا ۾ ڪريڊٽ ڪارڊ فراڊ ڪندڙن آسٽريلوي شهرين کان اربين ڊالر ڦري ورتا
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج