تل ابيب – 05 اپريل (اي پي پي) اسرائيل ڏڪار جي خطري جو شڪار غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق اسرائيل جمعي تي اعلان ڪيو ته ڏڪار جي خطري جو شڪار اتر غزه ۾ عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏيندو. خميس تي آمريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي ٽيليفون?? رابطي ۾ ٻڌايو ته اسرائيل بابت آمريڪي پاليس?? غزه ۾ شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن جي تحفظ تي ٻڌل آهي، اهو واشنگٽن طرفان اسرائيل جي فوجي مدد لاءِ امڪاني شرط ڏانهن پهريون اشارو هو. ڪجهه ئي ڪلاڪن ??انپوءِ اسرائيل اعلان ڪيو ته هو غزه لاءِ وڌيڪ امدادي رستا کولي ڇڏيندو. نيتن ياهو جي آفس ٻڌايو ته اسرائيل جي وار ڪيبنٽ اشدود پورٽ ۽ ايريز لينڊ ڪراسنگ ذريعي عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏني آهي، ان سان گڏو گڏ اردن کان ڪريم شالوم ڪراسنگ تي پڻ فراهمي ۾ اضافو ڪيو ويو. وائٽ هائوس فوري ط??ر انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي صدر جوبائيڊن جي درخواست تي ڪيل قدم قرار ڏنو. وائٽ هائوس چيو ته انهن قدمن کي هاڻي مڪمل طور وڌيڪ تيزي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل طرفان غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت