اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي محروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي لحاظ کان مضبوط بڻائڻو پوندو، مختلف شعبن ۾ ڪامياب عورت?? جي محنت ۽ جدوجهد کي ماڊل طور تي پيش ڪرڻ گهرجي، ميڊيا ۽ عالم سڳورا عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پن??نجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورت?? جي عالمي ڏينه?? جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، يو اين وومي?? جي پاڪستان ۾ ڪنٽري هيڊ شرميلا رسول ۽ پاڪستان ۾ يورپي يوني?? جي سفير ايندر لاڪا مينارا به تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ پا??لي??مينٽ جي ميمبرن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته مجموعي ترقي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، عورت?? جي حقن جا قانون پاڪستان قائم ٿيڻ جي وقت کان موجود آهن تنهن هوندي به انهن تي موثر عملدرآمد جي سلسلي ۾ قانون ۾ ترميمون آنديون پيون وڃن. هن چيو ته اسلام عورت جي حقن ۽ معاشري ۾ باعزت مقام جو درس ڏي ٿو جنه?? جي باري ۾ ماڻهن کي مڪمل آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته عورت جي صحت ۽ ٻار?? جي واڌويجهه جو گهرو لاڳاپو آهي، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي لحاظ کان مضبوط بڻائڻو پوندو. هن چيو ته ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائق?? جي عورت?? جي صحت جي مسئل?? جي ڏس ۾ فوري طبي مشوري لاءِ ٽيلي هيلٿ سروس جو انتظام ڪرڻ گهرجي، ان سان خاص طور تي انهن عورتن کي سهولت ملندي جيڪي مختلف سبب?? جي ڪري اسپتالن سان فوري رجوع نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته عورتون پن??نجي روي?? جي ذريعي وڌيڪ ذميوار ثابت ٿينديون آهن، ان جو ثبوت اهو آهي ته عورتن پاران قرض?? جي واپسي جي شرح سئو سيڪڙو آهي، هن چيو ته حڪومت عورت?? جي سهولت لاءِ آسان قرض ڏيڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي آهي تنهن هوندي به عورت?? جي اڪثريت کي ان بابت مڪمل آگاهي نه هجڻ جي ڪري اهي ان سهولت مان فائدو نٿيون کڻي سگهن، لاڳاپيل ادارن ۽ تنظيمن کي ان ڏس ۾ پن??نجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن: صدر
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا