ڪراچي – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي عالمي ڏهاڙو هر سال گڏيل قومن جي انتظام هيٺ صحت مند ۽ سرسبز ماحول جي اهميت جي باري ۾ آگاهي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آه??، ان جو مقصد اهڙا ماحولياتي ??دم?? کي اجاگر ڪرڻ آه?? جنهن جي ذريعي موجوده ۽ خاص طور تي ايندڙ نسلن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي، هن سال ماحول جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”ماحولياتي نظام جي بحالي“ آه?? جنهن جي پوري انسانيت فڪرمند آه??، ماحولياتي نظام جي بحالي مان مراد اهو آه?? ته جبلن جي چوٽين کان وٺي سمنڊ جي ??ري تائين ڏٺو ويندڙ ٻوٽن ۽ جانورن کي ختم ٿيڻ جي ڏاڪي کان واپس آندو وڃي، ان حقيقت کان به انڪار نٿو ??ري سگهجي ته ماحولياتي نظام جي بحالي هڪ گڏيل عالمي ذميداري آه?? جنهن جي لاءِ وڏي پئماني تي جدوجهد جي ضرورت آه??، پاڪ بحريه ماحول جو عالمي ڏينهن تسلسل سان ملهائيندي آه?? ته جئين ماحولاياتي نظام جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ۾ خاص طور تي آبي ماحول جي حوالي سان آگاهي کي فروغ ڏئي سگهجي، هن سال ڪورونا وائرس جي وبا جي احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي اهڙين تقريبن جو انعقاد نه ڪيو ويو جنهن ۾ وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت هجي تنهن هوندي به پنهنجي پختي عزم جي اظهار سان ماحوليات بابگ آگاهي کي فروغ ڏيڻ لاءِ ميڊيا کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي، پاڪ بحريه جي اهلڪارن طرفان هر ڀيري صفائي کانسواءِ پاڪ بحريه جي يونٽس ۽ رهائشي علائقن ۾ ماحولياتي نظامن جي بحالي جي ??دم?? جي حوالي سان پوسٽر ۽ بينرز لڳايا ويا ۽ ڪتابچه ورهايا ويا. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائيم افيئرز جي اهتمام هيٺ آبي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار جو اهتمام به ڪيو ويو. آگاهي مهم کانسواءِ پاڪ بحريه جي اهتمام هيٺ مينگروز ۽ وڻڪاري جون مهمون پهرين کان جاري آه?? جنهن تحت ساحلي علائقن ۾ 70 لک کان وڌيڪ مينگروز ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻوٽا حڪومت جي ”وڻ پوکيو پاڪستان جي لاءِ“ نظريي موجب پوکيا ويا آه??، پاڪ بحريه محفوظ بحري ماحول ۽ صاف سٿري سمنڊن جي لاءِ سدائين ڪوشان آه??، امير البحر ايڊمرل محمد امجد خ??ن نيازي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪ بحريه جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ماحول جي به??ري خاص طور تي آبي ماحول جي به??ري جي لاءِ سمورا قدم استعمال ۾ آندا ويندا، هن پنهنجي قيادت ۾ پاڪ بحريه جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪئي ته هو ان رخ ۾ پنهنجون ڪوششون هر وقت جاري رکن.
ماحول جي بهتري خاص طور تي آبي ماحول جي بهتري لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا: ايڊمرل محمد امجد خان نيازي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی