اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندن وزير بدعنوان ه??ندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي. هن اها ڳالهه سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن ه??ٺين سطح تي عملدار رشوت وٺندا آهن ته ان سان عام شهرين لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا آهن ڇو ته رشوت جو پئسو هڪ طرح سان انهن تي ٽ??ڪس وانگر آهي پر جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندس وزير بدعنوان ه??ندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي ص??ر جوبائيڊن جو تازو ”ميمورنڊم آن ايسٽبلشنگ دي فائيٽ اگينسٽ اينٽي ڪرپشن از اي ڪوريونائٽڊ اسٽيٽيس نيشنل سيڪيورٽي انٽرسٽ“ جو اقتباس به شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ ص??ر جوبائيڊن پنهنجي سين??ر آفيسرن کي طرز حڪمراني ۾ بهتري، ناجائز ماليات جي سمورن صورتن جو مقابلو ڪرڻ، بدعنوان عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ڪرپشن جي تدارڪ لاءِ ملڪي ۽ عالمي قومي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري لاءِ مختلف ايجنسين ۽ ادارن جو جائزه عمل اختيار ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي.
حڪومتي سربراهه بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر