اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر تي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب ويندو. دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان پنهنجي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۽ وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر تي سعودي عرب جو ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آه??. وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن سميت اعليٰ سطحي وفد به هوندو. وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪ??دو?? جتي هو ماحولياتي تبديلين جي ڪري اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪ??دو?? وزيراعظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ فطري حل بابت پاڪستان جي تجربن کي به اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آه??، وچ اوڀر خطي جي حوالي سان ان قسم جو اهو پهريون اجلاس آه??، اهو گرين سعودي عرب ۽ گرين وچ اوڀر قدم آه?? جيڪي ولد عهد مارچ 2021ع ۾ شروع ڪيو جنهن جو مقصد قدرت ۽ زمين جو تحفظ آه??.
وزيراعظم عمران خان انهن ٻنهي قدمن جي آجيان ڪئي هئي ۽ پاڪستان جي سرسبز ۽ صاف پاڪستان ۽ وزيراعظم جي 10 ارب ٽري سونامي جي تجربن کان آگاهه ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، وزيراعظم عمران خان سعودي قيادت سان ٻطرفيون ڳالهيون ڪندو جنهن ۾ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري، پاڪستاني پورهيتن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن جي باري ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ به شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري سان تعلق رکندڙ مشهور سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان به ڳالهه ٻولهه ڪ??دو??
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ??ائراڻا، گڏيل عقيدا، تاريخي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آه??. سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهندڙ آه?? جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ سطحي راب??ن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آه??، وزيراعظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.