اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغ??نس??ان معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي برادري منجمند وسيلن تائين پهچ ۽ هنگامي بنيادن تي ??نس??ني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي، طالبان رابطن ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهي چاهين ٿا ته دنيا انهن کي تسل??م ڪري ۽ انهن جي مدد ڪري، عالمي برادري ماضي جون غلطيون ورجائڻ کان بچي ۽ مثبت رابطو جاري رکي، پاڪستان ۽ افغ??نس??ان گڏيل ورثو ۽ تاريخ رکن ٿا، افغ??نس??ان ۾ امن ۽ استحڪام ويجهي ترين پاڙيسري جي طور تي پاڪستان جي ??ڌو??نئون مفاد ۾ آهي. هو ٽرائيڪا پلس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ چين، پاڪستان، روس ۽ آمريڪا جا نمائندا خصوصي طور شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته افغ??نس??ان سان رابطو نه رڳو بحال رهڻ گهرجي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي ان ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر هي ملڪ گهرو ويڙهه جي ور نه چڙهي، ڪير به ٻيهر ائين ڏسندي ٿيڻ نه ٿو چاهي، معاشي تباهي جو به ڪو خواهشمند نه آهي، جنهن سان عدم استحڪام وڌندو، هر ڪو اهو چاهي ٿو ته افغ??نس??ان جي اندر فعال دهشتگرد عنصرن کي موثر انداز ۾ منهن ڏنو وڃي ۽ پناهگيرن جي هڪ نئين بحران کان بچيو وڃي. افغ??نس??ان بابت اسان سڀني جي ڳڻتي ۽ فڪرمندي گڏيل آهي جڏهن ته اتي امن ۽ استحڪام اسان سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. انهن سڀني کي حاصل ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ان صورتحال ٽرائيڪا پلس نمايان اهميت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ ان جو اهم ڪردار آهي جيڪو ان کي ادا ڪرڻو آهي. اسان پراعتماد آهيون ته ٽرائيڪا پلس جي نئين افغان حڪومت سان امن ۽ استحڪام جي فروغ، پائيدار معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ افغ??نس??ان جي اندر ??رگرم دهشتگردن جي لاءِ گنجائش محدود ٿي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغ??نس??ان هن وقت معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي مالي امداد جي نه هجڻ سبب پگهارن جي ادائيگي تائين ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن.
افغانستان معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي برادري منجمند وسيلن تائين پهچ ۽ هنگامي بنيادن تي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ