اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي شعبي تفسير جي ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي سيالڪوٽ سانحي جي تناظر ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ مثبت روين جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به معاملي ۾ بنا تحقيق فوري رد عمل سان معاشرو ا??تش??ر جو شڪار ٿي ويندو آهي، جڏهن ته قانون کي هٿ ۾ ک??ڻ غير اسلامي فعل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر جي جامع مسجد ۾ ج??عي جو خطبو ڏيندي ڪيو. ايوان صدر جي جامع مسجد مان ج??عي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي ج??عي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي پنهنجي خطبي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به معاملي ۾ بنا تحقيق جي رد عمل سان معاشرو ا??تش??ر جو شڪار ٿي ويندو آهي. ان لاءِ هر خبر تي بغير تحقيق فوري رد عمل نه ڏيڻ گهرجي. اسلامي رياست ۾ غير مسلمانن کي به مڪمل تحفظ حاصل هوندو آهي، جڏهن ته قانون کي هٿ ۾ ک??ڻ غير اسلامي فعل آهي. ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي ان سلسلي ۾ اسلامي تاريخ ۽ حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مبارڪ جو حوالو ڏنو، هن چيو ته الله تعاليٰ غير مصدقه اطلاع کي اڳتي وڌائڻ ۽ پوءِ ان تي بنا تحقيق فوري رد عمل جي مذمت فرمائي آهي، اهڙي ڪيفيت ۾ ا??تش??ر پکڙجندو آهي، امن ۽ امان جو مسئلو پيدا ٿيندو آهي ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي جڏهن ته قوم جي حيثيت سان شرمندگي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هن چيو ته ڪنهن به خبر يا اطلاع جي تصديق ڪرڻ اسان جي شرعي ذميداري آهي، ان جي ابتڙ ڪو عمل اسلامي رويو نه آهي، هن چيو ته حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مبارڪ اها هئي ته پاڻ سڳورا رياست ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي اعتماد ڏنو، مديني جي رياست جي پهرين دستور ۾ اهڙو وفاقي سياسي يونٽ جوڙيو ويو جنهن ۾ شامل سمورين ڌرين ۽ ماڻهن رياست جي دفاع ۽ ڏوهاري پيشيورر عنصرن جي خاتمي ۾ حضور اڪرم ﷺ جو ساٿ ڏنو ۽ سڀ ميثاق ملي جا پابند رهيا. نبي ڪريم ﷺ غير مسلم مهمانن ۽ قانوني طور تي رياست ۾ داخل ٿيندڙن جي جان ۽ مال، عزت ۽ آبرو ۽ انهن جي ديني ماڳن جي حفاظت جو ذمو کنيو، هن چيو ته فتنه ۽ ا??تش??ر کي رياست جي خلاف ڏوهن سان تعبير ڪيو ويو آهي، هن چيو ته قانون کي هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه آهي، ڪنهن تي الزام لڳائي پاڻ کي فيصلو ڪري ۽ پوءِ ان ک?? لاڳو ڪرڻ جي منع ڪئي وئي آهي، توهين مذهب ۽ تڪفير جي الزامن جهڙن ناهموار رويا اهل فڪر ۽ دانش لاءِ فڪر جو لمحو آهن، سمورن باشعور طبقن ۽ خاص طور تي منبر ۽ محراب تي ان حوالي سان وڏي ذميدار?? لاڳو ٿئي ٿي ته اڳتي اچن ۽ اعتدال تي ٻڌل روين کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحال?? لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائ?? لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان ج??عي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
ڪنهن به معاملي ۾ بنا تحقيق فوري رد عمل سان معاشرو انتشار جو شڪار ٿي ويندو آهي: ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔