اسلام آباد ??? 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائو??سل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مختلف ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ وفد پارليامينٽ هائوس پهچڻ شروع ٿي ويا. ترڪيءَ جو پريهي وزير ميولوت چاوش اولو اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتو ته پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ترڪ هم منصب جي آجيان ۽ ترڪ هم منصب کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ مبارڪباد وارن جملن جي ڏي وٺ ٿي، مهمانن جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? معزز پرڏيهي وزيرن جي آجيان ڪري رهيو آهي. مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير وڏي انگ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائو??سل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچي چڪا آهن. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائو??سل جو 48 هون اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيند??. و??يراعظم عمر??ن خان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائو??سل جي 48 هين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندو.
او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مختلف ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ وفد پارليامينٽ هائوس پهتا
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن