اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪئن??ڊا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خو??هشمند آهي، ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موق??ا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪئن??ڊا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي گلور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪئن??ڊا جي وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڊگهي مدي واري حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪئن??ڊا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جو فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميرڪ گولڊ جلد منصوبي تي ڪم شروع ڪندي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي معاملي تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي ان مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف ڪئن??ڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يوڪرين جي عوام جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان مان موڪليل امدادي سامان کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪئن??ڊا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطي ۽ اعليٰ سطحي دورا وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ گهرجي. ڪئن??ڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪئن??ڊا جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ ڪئن??ڊا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون ۽ خاص طور تي ڪئن??ڊا جي شهرين جي انخلا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ڪئن??ڊا جي هم منصب جسٽن ٽروڊو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ان دوري سان پاڪستان ۽ ڪئن??ڊا جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.
پاڪستان ڪئناڊا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن