اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي پرامن ماڻهن کي ڀارتي ظلم برداشت ڪندي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ ع??صو گذري چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج اسان ڪشميري ڀائرن ڀين??ن جو استحص??ل ڪري رهي آهي. نجڪاري واري وزارت پاران جاري بي??ن ۾ عابد حسين ڀيو چيو ته ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿو. نجڪاري واري وزير چيو ته ڀارتي ڏاڍ جي ڪري ڪشميري ڀينرن ڀائ??ن جو پوري دنيا سان رابطو ڪٽجي چڪو آهي. هن چيو ته سمورا پاڪستاني ۽ حڪومتي نمائندا ڀارتي ظلم جي خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندا رهندا. نجڪاري واري وزير چيو ته عالمي انساني حقن جون تنظيمون ڀارتي غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي اڳتي اچن.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش