اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير ??ائشه غوث بخش پاشا چيو آهي ته ملينيم ڊولپمينٽ گولز ۾ صحت، تعليم، هنرمندي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، پاڻي جي نيڪالي اهم موضوع آهن، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي بهتر تعليم ۽ هنر سيکارڻو پوندو، ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچائڻ بد??سم??ي آهي، اسان کي زراعت ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ترقي تي ڌي??ن ڏيڻو پوندو. بين الپارلياماني يونين جي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪس??ان جي آبادي جو 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان کي پنهنجي نوجوانن جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، نجي شعبي سميت هر شعبي کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، انساني وسيلن تي سيڙپڪاري اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته پاڪس??ان ۾ هن وقت اسان ٻوڏ سان سڀ کان وڏي پئماني تي تباهي جو شڪار آهيون، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ان کان متاثر آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته هن وقت ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 6 لک کان وڌيڪ عورتون حاملا آهن جن مان 75 هزار وٽ هن ئي مهيني ٻار جي پيدائش متوقع آهي، ان جي لاءِ طبي سهولتون گهربل آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ آواز بڻجڻ جي ضرورت آهي، بد??سم??ي سان ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچي سگها، ايشيائي خطي جو ٽيون حصو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي، اڄ هڪ سٺو موقعو آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ايشيائي خطي ۾ 70ع جي ڏهاڪي ۾ غيرمعمولي ترقي ٿي.
اسان کي پنهنجي نوجوانن کي بهتر تعليم ۽ هنر سيکارڻو پوندو: ائشه غوث بخش پاشا
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا