طرابلس – 11 مارچ (اي پي پي) ليبيا لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نر?? جي خاص نمائندي عبدولي ب??ٿيلي ملڪ جي سياسي ب??ران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪومت جوڙڻ تي زور ڏنو. هن ليبيا جي وزيراعظم عبدالحميد دبيبه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن ليبيا جي سياسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ گڏيل حل ??ري??ي سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن سماجي ويب سائٽ ايڪس تي جاري ٽوئٽ ۾ چيو ته مون موجوده سياسي ب??ران ۽ ان جي عام ليبيائي شهرين جي سلامتي ۽ معاشي صورتحال تي اثرن جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سمورن ليبيائي اڳواڻن کي چيلنج جو مقابلو ڪرڻ ۽ ملڪ کي چونڊن ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ هڪ گڏيل حڪومت تي متفق ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي. ليبيا جي پارٽين وچ ۾ چونڊ قانونن تي اختلاف سبب ليبيا ڊسمبر 2021 ۾ شيڊول مطابق عام چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو.
گڏيل قومن جو ليبيا ۾ موجوده سياسي بحران تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ