ڪرتار پور/نارووال– 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ت?? خطي ۾ امن جي لاءِ ڀارت جيڪڏهن هڪ قدم وڌائيندو ته پاڪستان ٻه قدم وڌائيندو، اسان ڀارت سان دوستاڻا، مضبوط ۽ مه??ب لاڳاپا چاهيون ٿا، ماضي جي زنجيرن کي ٽوڙي اڳتي وڌڻو پوندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي قوت اراديت سان اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، امن جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت، سياسي پارٽيون، فوج ۽ سڀئي ادارا هڪ صفحي ت?? آهن، ڪرتاپور کي دروبين سان ڏسڻ وارا گردوارا درٻار صاحب جي ياترا ڪري سگهندا، سک براد??ي کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن اها ڳالهه ڪرتارپور لنگهه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري ت??ر??ب کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن