اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي ??ان غيرمعمولي حالتون آهيون، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي، انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ترقياتي خرچ وڌايا وڃن، روزگار جا ڀرپور موقعا پيدا ڪيا وڃن، صوبائي حڪومتون صنعتي شعبي ۽ زراعت جي ترقي، غيرضروري حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ صحت جي شعبي جي اپ گريڊيشن تي خاص ڌيان ڏين. هن اهڙئن خيالن جو اظهار وفاق، پ??جا?? ۽ خيبرپختونخواهه جي مالي سال 21 – 2020ع جي مجوزه بجيٽ جي حوالي ??ان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پ??جا?? جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وخزير محمود خان جي معاشي ٽيم پنهنجي پنهنجي صوبن جي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ بجيٽ جي حوالي ??ان زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ترجيحن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عم??ان خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي ??ان غيرمعمولي حالتون آهن. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ترقياتي خرچ وڌايا وڃن.
پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے