لسٻيلا / اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترقي جي لا??ِ هڪ هزار ارب رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدرا?? لنڊن ??ڌيڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳواڻن به صوبي جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، بلوچستان ترقي جي ڊوڙ ۾ ملڪ جي ٻين علائقن کان پٺتي رهجي ويو ان لا??ِ صوبي تي وڌيڪ ڌيان آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سون م??اڻ?? ساحل تي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ٻوٽو ??ڳائيندڙ ڪارڪنن ۽ مقامي ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا سامونڊي علائقا تمام گهڻا خوبصورت آهن جتي سياحتي جايون ٺاهي سگهجن ٿيون، هيستائين پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لا??ِ سمورو ڌيان جابلو علائقن تي ڏنو ويو، لسٻيلا ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ مسلمان ملڪن جي سياحن کي راغب ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن، پاڪستان الله تعاليٰ پاران تمام وڏو تحفو آهي، بدقسمتي سان اسان ان تحفي جو قدر نه ڪيو، حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته ماڻهن جي زندگي بهتر ڪئي وڃي، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدرا?? لنڊن ??ڌيڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳواڻن به صوبي جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته سامونڊي علائقن ۾ مينگروز جا ٻيلا چنئوڻ تي وڌيڪ صحت جي لا??ِ هاڃيڪار ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا. هن چيو ته موسمياتي ماهرن جي تازي رپورٽ موجب عالمي گرمي پد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، عالمي گرمي پد ۾ اضافي سان مختلف ملڪن ۾ باهيون لڳڻ، ٻوڏن سميت قدرتي آفتون درپيش آهن.
ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترقي جي لاءِ هڪ هزار ارب رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados