اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي صنعت جي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن، جن ۾ چيني ڪمپنيون ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپنين جي سربراهن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن سومر ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد ۾ ايزي پري فيبريڪيٽڊ هومز پرائ??وي?? لميٽيڊ جو سي اي او، لاهي ٽريڊنگ انٽرنيشنل پرائ??وي?? لميٽيڊ جو سي اي او، ياياشينگ انڊسٽريل پراڊڪٽس ڪمپني جو سي اي او، ليڊ زون پرائ??وي?? لميٽيڊ جو سي اي او، چيانگ شنگ پاڪستان سراميڪس پرائ??وي?? لميٽيڊ جو سي اي او، سنووائيٽ لاويشن پرائ??وي?? لميٽيڊ جو سي اي او، زينگ بانگ ايگريڪلچر پاڪستان پرائ??وي?? لميٽيڊ جو سي اي او، ايگزٽ ٽيڪ پرائ??وي?? لميٽيڊ جو سي اي او ۽ چئلينج فيشن پرائ??وي?? لميٽيڊ جو سي اي او شامل هئا. ان موقعي تي چيني سفير نونگ رانگ به موجود هو، وفاقي وزير محمد حماد اظهر شوڪت فياض ترين، اسد عمر، واپار وارو صل??حڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ??ه حڪومت ايز آف ڊوئنگ بزنس پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي، سيڙپڪارن لاءِ مراعتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ انتظامي ڪاررواين کي آسان بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته انهن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ هو مهيني پاڻ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چيو ??ه پاڪستان چين سان صنعتي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، چيني سيڙپڪارن سان پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا ملندا ۽ افرادي قوت هنر سکندي، پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي صنعت جي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن جن ۾ چيني ڪمپنيون ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، وزيراعظم چيو ??ه زراعت، ماهيگيري، سبزي، فروٽ، وڌيڪ پيداوار وارا پالتو جانور، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ننڍي صنعتن تي ڌيان ڌيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي.
حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا