ميرپورخاص – 11 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته سي پي ايل سي جهڙا ادارا پوليس ۽ شهرين جي وچ ۾ بهتر رابطن جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن ٿا، سي پي ايل سي ۾ ڪيترائي گروپس رضاڪاڻي طور تي خدمتون ڏيندا رهيا آهن، هي اهو ادارو آهي جيڪو ڏوهن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، منشيات جي لعنت اسان جي مع??شر?? ۾ خطرناڪ حد تائين پکڙجي وئي آهي، جنهن کي روڪڻ جي لاءِ به قدم کڻن جي ضرورت آهي. ميرپورخاص ۾ س?? پي ايل سي جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منشيات اسان جي مع??شر?? کي نقصان پهچائي رهي آهي، ٻار نشي جا عادي ٿي وڃن ٿا، مع??شر?? کي اڳ ۾ ??بر پئجي وڃي ٿي، گهر وارن کي بعد ۾ ??بر پوي ٿي. صدر چيو ته توهان کي ان جي روڪٿام لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن ان برائي کي پکڙجڻ کان روڪي نوجوانن جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ جي گورنر کي چوندس ته سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ادارا ٺاهيا وڃن. هن چيو ته ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي ذريعي لکين ماڻهن مان گهربل شخص جي ڳولا هڪ آسان عمل آهي، اهڙي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان تحقيق جو عمل وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عمران اسماعيل چيو ته سي پي ايل سي شاندار ادارو آهي، جتي عام ماڻهو به پوليس تائين موثر پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته نوجوانن کي به هن اداري ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آه?? ته جيئن ادارو وڌيڪ اڳتي وڌي سگهي. اسان جي ڪوشش آه?? ته پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ عورتن کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي. جيستائين مقامي ڪميونٽي کي شامل نه ڪيو وڃي مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن. تقريب ۾ س?? پي ايل سي چيف محمد زبير حبيب پڻ اداري جي اهميت ۽ فائدي تي روشني وڌي.
سي پي ايل سي جهڙا ادارا پوليس ۽ شهرين جي وچ ۾ بهتر رابطن جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن ٿا: صدر
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم