اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??خا??ف ڌر کي هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته سڌارن جي لاءِ عدالت بدران اس??يڪر آفيس اچن، تو??ان جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين، اي وي ايم جي نظام کي اڳ ۾ صرف سمجهو تو??ان جا سمورا خدشا ختم ڪنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پرڏيهه ۾ ره??دڙ پاڪستانين جي ووٽ جي حق کان پٺتي نه ٿا هٽي سگهون، اهو اسان جو چونڊ واعدو هو. هن چيو ته شريف، زرداري فيملي جي سياست ماضي جو قصو آهي، هاڻي ??خا??ف ڌر ۾ به نئين رانديگرن جو وارو آهي. ايندڙ ٻه سال پاڪستان جي تاريخ ۾ ايندڙ ٻن ڏهاڪن جي سياست طئي ڪندا. هن چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي جي سياست جو مڪمل خاتمو ايندڙ ٻن سالن ۾ طئي آهي.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری