اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن انس??ني المئي کان بچڻ لاءِ افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي حو??لي سان ايپڪس ڪ??يٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امداد لاءِ گڏيل قومن جي اپيل جي آجيان ڪئي، ايپڪس ڪ??يٽي افغانستان ۾ بگڙجندڙ انس??ني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مشڪل جي ان گ??ڙي ۾ افغان عوام کي اڪيو نه ڇڏيندو. ايپڪس ڪ??يٽي اقتصادي طور تي تباهه ٿيل افغانستان ۾ انس??ني جانين کي بچائڻ ۽ مشڪل جي ان گ??ڙي ۾ افغانين جي مدد لاء?? عالمي برادري ۽ امدادي ادارن کان هڪ دفعو ٻيهر مدد جي اپيل ڪئي،
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته افغانستان ۾ انس??ني الميي کان بچاءُ لاءِ دوست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جون راهون ڳوليو ته جيئن افغانستان ۾ طب، آءِ ٽي، فنانس ۽ اڪائونٽنگ جي شعبن ۾ تربيت يافته افرادي قوت موڪلي سگهجي. هن افغانستان جي بحالي ۽ ترقي ۾ مدد لاءِ ريلويز، معدنيات، دائون ٺاهڻ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي به هدايت ڪئي، ان کان اڳ ايپڪس ڪ??يٽي کي افغانستان لاءِ 5 ارب روپين جي امداد تي اڳڀرائي جي حو??لي سان آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سميت غذائي جنسن، هنگامي طبي سامان، سردي کان بچاءُ لاءِ پناهگاهون ۽ ٻيو سامان شامل آهي، ايپڪس ڪ??يٽي کي ٻڌايو ويو ته افغانستان شديد سردي جي موسم دوران بک ۽ انس??ني الميي جي صورتحال پيدا ٿيڻ جي ويجهو پهچي چُڪو آهي، ان صورتحال ۾ عوام لاءِ خوراڪ ۽ پناهگاهن کي حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.
ڪميٽي افغان عوام سان گڏ بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي امدادي ادارن تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي مدد لاءِ فوري حرڪت ۾ اچي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار موجود هئا.