اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري، مزدور سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ اڄ جو آبادگار ٽريڪٽر ٽرالي احتجاج سنڌ حڪومت جي خلاف هو. فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري ۽ مزدور بکيو سمهي رهيو آهي ته ان جي ذميدار به پيپلزپارٽي ئي آهي. مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر آبادگارن جي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو. هن چيو ته سنڌ جا غريب آبادگار ۽ هاري ب??اول کان پڇي رهيا آهن ته ڪينال کان سڌو سنئون 500 ک??ن وڌيڪ ڪنيڪشن ڇو ڏنا ويا آهن، مملڪتي وزير چيو ته بدقسمتي سان اڄ به سنڌ ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي پاڻي نٿو ملي، پرچي چيئرمين ٻڌائي ته سکر ۽ ڪوٽڙي سميت سنڌ ۾ پاڻي چور ڪير آهن؟ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري بدين ۽ ٺٽي ۾ سرسبز ٻنيون ٻارا بنجر بڻجي ويا آهن ۽ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداراڻو نظام، هڪ ظالماڻو نظام بڻجي چڪو آهي.
اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري، مزدور سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena