اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سمورن لاڳاپيل ادارن کي ??دايت ڪئي اهي ته اهي ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائڻ جي لاءِ موثر نظام جوڙين، ريلوي واري وزارت افغانستان مان در??مد ٿي?? ڪوئلو جلد کان جلد پاور پلانٽس تائين پهچائڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي جڏهن ته وزيراعظم درآمدي عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ دفاع واري و??اق?? وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ افغانستان مان در??مد ٿي?? ڪوئلي جي چرپر جو نظام بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري و??اق?? وزير سيد نويد قمر، دفاع واري و??اق?? وزير خواجه محمد آصف، توانائي واري و??اق?? وزير انجنيئر خرم دستگير، ناڻي واري و??اق?? وزير مفتاح اسماعيل، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي واري و??اق?? وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري و??اق?? وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي منڊي ۾ ڪوئلي جي وڌندڙ قيمت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان کي ??لڪ ۾ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس مان مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ جو بنيادي سبب قرار ڏنو. وزيراعظم ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ افغانستان مان اعليٰ ڪوالٽي جو ڪوئلو ڊالرز بدران رپين ۾ در??مد ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان سان نه رڳو سستي بجلي پيدا ڪرڻ پر ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته شروعاتي طور تي رڳو ساهيوال ۽ حب پاور پلانٽس جي لاءِ گهرب?? ڪوئلي جي افغانستان مان در??مد تي امپورٽ بل ۾ ساليانو 2.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ بچت ٿيندي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي ??دايت ڪئي ته اهي ان مقصد جي لاءِ موثر نظام جوڙين ته جيئن ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائي سگهجي. وزيراعظم ريلوي واري وزارت کي به هدايت ڪئي ته اها افغانستان مان در??مد ٿي?? ڪوئلي جي پاور پلانٽس تائين جلد کان جلد پهچ کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم درآمدي عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ دفاع واري و??اق?? وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
سمورا ادارا ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائڻ جي لاءِ موثر نظام جوڙين: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج