اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ش??گهائي تعاون تنظيم (ايس سي ??و) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ??يڇ ايس) جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر 2022ع تي ثمرقند، ازبڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي ا??س سي ??و – سي ??يڇ ايس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن سان گڏوگڏ ايس سي ??و تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻيا خاص مهمان شرڪت ڪندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف اسٽيٽ ڪائونسل جو سڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت عملي، مستقبل ۽ ترجيحن تي غور ۽ انهن جي وضاحت ڪري ٿو. سي ??يڇ ايس ۾ ايس سي ??و جا اڳواڻ موسمياتي تبديلي، فوڊ سيڪيورٽي انرجي سيڪيورٽي ۽ پائيدار سپلائي چين سميت اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور ڪندا. اجلاس ۾ اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي به منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ وزيراعظم سي ??يڇ ايس جي سائيڊ لائينز تي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. شنگهائي تعاون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي هڪ اهم بين علائقائي تنظيم آهي. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ ايس سي ??و شنگهائي اسپرٽ ۾ لکيل قدرن ۽ اصولن کي برقرار رکي ٿي جنهن ۾ گڏيل اعتماد، گڏيل فائدي ۽ گڏيل ترقي حاصل ڪرڻ شامل آهي. مجموعي طور تي ا??س سي ??و جا ميمبر ملڪ دنيا جي ا??ڪل اڌ آبادي ۽ عالمي ا??تصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ا??س سي ??و جي ا??جنڊا، اقتصادي رابطن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خطي ?? امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. 2017ع ۾ ايس سي ??و جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان پاڪستان ايس سي ??و جي مختلف مڪينزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظيم جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم ايس سي او جي سي ايڇ ايس جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش