نيويارڪ – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي ده??تگرد حملو انتهائي ڪڌو فعل هو، ان حملي ۾ ده??تگردن جو واضح مقصد ٻارن کي هدف بڻائي پاڪستاني عوام جا حوصلا پست ڪرڻ هو، تنهن هوندي به اسان جي ٻارن جي قتلام جي صدمي پاڪستاني قوم کي پنهنجي سرزمين تان سڀني ده??تگردن جي خاتمي ج?? لاءِ متحرڪ ڪيو، ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان جي خلاف ڪم ڪندڙ ٻين ده??تگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن، پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ ده??تگردي ج?? خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اٺين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها تقريب گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن طرفان منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي وزير 8 سال اڳ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ وحشياڻي ده??تگرد حملي ج?? متاثرين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ان حملي ۾ اسڪول جا 132 ٻار ۽ استاد ۽ عملي جا ميمبر شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ان حملي ج?? ذميواري نام نهاد تحريڪ طالبان پاڪستان قبول ڪئي، جنهن کي سلامتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ميمبر ملڪن ده??تگرد تنظيم قرار ڏنو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هي مناسب آهي ته اسان آرمي پبلڪ اسڪول حملي تي گڏيل قومن جي ده??تگردي ج?? خاتمي ج?? آفيس جي پروگرام ده??تگردي ج?? متاثرين جي ياد جي هڪ حصي طور منعقد ڪريون. هن چيو ته هي ده??تگرداڻو حملو تمام گهڻو ڪڌو فعل هو ڇو ته ده??تگردن جو واضح مقصد ٻارن کي مارڻ هو، ان لاءِ اهو ٽارگيٽيڊ حملو هو، جنهن جو مقصد پاڪستاني عوام جي حوصلن کي شديد جهٽڪو پهچائڻ هو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي ٻارن جي قتلام جي صدمي پاڪستاني قوم کي اسان جي سرزمين تان سڀني ده??تگردن جي خاتمي لاءِ متحرڪ ڪيو. اسان جي سرحدن کي ٽي ٽي پي ۽ ان سان لاڳاپيل ده??تگرد گروپن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ڪيو ويو. پاڪستان جو آپريشن ڪامياب رهيو ۽ اسان جي سرزمين ده??تگردن کان پاڪ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان ده??تگردي خلاف وڏي قيمت ادا ڪئي، ان سان 80 هزار شهري ۽ فوجي ماريا ويا يا زخمي ٿيا ۽ معيشت کي 120 بلين ڊالر جو نقصان پهتو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٽي ٽي پي ۽ ٻين ڪجهه ده??تگرد گروهن کي سرحد پار کان محفوظ پناهگاهون مليون آهن، جتان پاڪستان جي فوجي ۽ سويلين هدفن جي خلاف وقت بوقت ۽ ان کان به وڌيڪ حملا ٿيندا رهيا آهن. ٽي ٽي پي ج?? وحشياڻي نوعيت ۽ ان جي اي پي ايس حملي ۾ ٻارن کي نشانو بڻائڻ ۽ ٻين ڏوهن سميت وڏي پئماني تي ڦاهي ۽ سر قلم ڪرڻ کان به عالمي برادري ج?? ٽي ٽي پي، داعش جهڙن ٻين ده??تگرد تنظيمن سان وڙهڻ ۽ انهن کي شڪست ڏيڻ جي عزم کي هٿي ملي. هن چيو ته اسان کي ڳڻتي آهي ته ٽي ٽي پي منتشر ٿيڻ ۽ انضمام جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هن پاڪستان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان جي خلاف پنهنجي ده??تگرداڻي قدمن کي لڪائڻ جي لاءِ هندستان ده??تگردي جا الزام هڻي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي ٻن سالن جي ميمبرشپ دوران اها ڀارتي مهم تيز ٿي وئي هئي. ڀارت ڄاڻي واڻي ممبئي ڪيس کي کليو رکيو آهي ته جيئن ان واقعي کي پنهنجي مرضي سان پيش ڪري سگهجي. اسان گذريل آڪٽوبر ۾ ڀارت ۾ لاڳاپيل سي ٽي سي ج?? خصوصي ميٽنگ ۾ ٻيهر ان پروپئگنڊه جو مشاهدو ڪيو، ان کانسواءِ ڀارت ايف اي ٽي ايف کي بدنام ڪرڻ ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. هن چيو ته جڏهن پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل ۾ اهڙن ماڻهن کي لسٽ ڪرڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون، جن تي پاڪستان پهرين ئي پابندي لاڳو ڪري رکي آهي. گذريل ڪجهه مهينن ۾ هندستان پاڪستان جي خلاف ده??تگردا??ي حملن ۾ ملوث هندستاني شهرين جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جي چئن تجويزن کي روڪي ڇڏيو آهي، جهڙي طرح هن 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي پنهنجي چيئرمين شپ جو غلط استعمال ڪيو آهي. اهڙي طرح هندستان اڄ ده??تگردي تي بحث جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي صدارت جو فائدو کڻي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي شرڪت جي اجازت ناهي ڏني وئي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان ده??تگردي بابت هندستان جي ٻٽي پاليسي کي بي نقاب ڪيو آهي. ڀارت پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسرين خلاف ده??تگردي کي هوا ڏيڻ ۽ غيرقانوني والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف رياستي ده??تگردي ۾ ملوث آهي، اهڙي طرح بي ج?? پي، آر ايس ايس جي غنڊن کي سڀني اقليتن خاص طور تي هندستان جي مسلمانن جي خلاف زعفراني ده??تگردي ج?? کليل ڇوٽ ڏنل آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت کي ان جي ده??تگرداڻي قدمن جي لاءِ جوابدار ڄاڻائڻ جي پنهنجي ڪوشش جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي انٽيليجنس ايجنسين وٽ پاڙيسري ملڪن جي ايجنٽن ۽ ڪابل ۾ اڳو??ي حڪومت جي عنصرن طرفان ٽي ٽي پي کي مالي ۽ تنظيمي مدد ۽ هدايتون فراهم ڪرڻ جا ٺوس ثبوت موجود آهن. اسان سيڪريٽري ج??رل ۽ سلامتي ڪائونسل سان هڪ جامع ڊوزيئر شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ ٻين ده??تگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن. هن چيو ته اها پاڪستان جي اميد آهي ته ڪابل ۾ نوان عملدار ٽي ٽي پي کي پاڪستان جي خلاف سرحد پار ده??تگردا??ي حملن کان روڪي سگهندا. جهڙو هنن دوحه معاهدي ۽ ان کانپوءِ جي پاليسي اعلانن ۾ ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، تنهن هوندي به ان مقصد طرف ڪوششون ناڪام نظر اچن پيون، ائين لڳي پيو ته ٽي ٽي پي ۾ پاڪستان جي خلاف اعلان جنگ ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿيو آهي ۽ هن جا حملا تيز ٿي ويا اهن. هن چيو ته پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ ده??تگردي ج?? خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو.
آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشتگرد حملو انتهائي ڪڌو فعل هو، ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان جي خلاف ڪم ڪندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن، پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز