اسلام ??باد – 27 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه ??ارف علوي خصوصي ماڻهن جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح جي ادارن جي وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائ?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ انهن جي صلاحيتن ۽ هنر موجب نوڪريون ڏيڻيون پونديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن بابت قومي تربيتي مرڪز اسلام ??باد جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول چيو ته خصوصي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي شموليت وڌائ?? جي ضرورت آهي، نجي شعبو وڌيڪ انگ ۾ خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏي، خصوصي ماڻهو محنتي ۽ هنرمند آهن، آجر انهن بابت مثبت راءِ رکن ٿا. بيگم ثمينه ??ارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ معاشي شموليت جي لاءِ انهن کي ڪوٽا موجب نوڪريون ڏيڻي تمام ??هم آهي. خاتون اول قومي تربيتي مرڪز ۽ اسلام ??باد چيمبر آف ڪامرس پاران 104 خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏيار?? جي واعدي کي ساراهيو. هن ڪرسٽوفر بلائنڊ م??ن پاران خصوصي ماڻهن کي پنهنجي ڪاروبار شروع ڪر?? جي لاءِ 25 ڪٽس جي فراهمي کي ساراهيندي چيو ته سڄي ملڪ جي ايوان صنعت ۽ واپار ۽ فلاحي تنظيمون خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ وڌي چڙهي ڪم ڪن. خاتون اول چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا هڪ ٻئي جي طرزعمل، معياري طريقيڪار ۽ تجربي مان سکي سگهن ٿا، اسڪولن کي خصوصي ٻارن جي لاءِ موزون بڻائ?? جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي استادن کي وڌيڪ انگ ۾ تربيت ڏيڻي پوندي، استادن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ انهن کي خصوصي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان آن لائين تربيت ڏئي سگهجي ٿي. هن بئنڪن، پارڪن، بازارن ۽ عوامي جاين تي محفوظ ۽ استعمال جوڳا ريمپ تعمير ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ انهن کي درپيس مسئلن بابت وڌيڪ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. ان کان اڳ خاتون اول کي قومي تربيتي مرڪز ۾ موجود سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. خاتون اول کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي ٻارن کي ڪمپيوٽر، ڪرافڪ ڊيزائن، موبائيل ريپئرنگ سميت مختلف هنر سيکاريا وڃن ٿا، اسلام ??باد جي مختلف اسڪولن ۾ 1700 کان وڌيڪ خصوصي ٻار عام ٻارن سان گڏ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، خصوصي ٻارن کي تعليم ڏي?? جي لاءِ قومي تربيتي مرڪز هيستائين 850 استادن جي تربيت مڪمل ڪري چڪو آهي. بيگم ثمينه ??ارف علوي مرڪز ۾ موجود مختلف ليبارٽرين ۽ تربيتي سهولتن جو جائزو ورتو. هن خصوصي ٻارن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر فراهم ڪرڻ تي مرڪز جي خدمتن کي ساراهيو. خاتون اول نجي شعبي جي تعاون سان خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏيار?? جي لاءِ مرڪز جي قدمن کي پڻ ساراهيو. خاتون اول تربيت مڪمل ڪندڙ خصوصي شاگردن ۾ ڊپلو??ا ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.
خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪرڻو پوندو: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری