اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پنجاب ۽ ڪيليفورنيا واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، ت??لي?? سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي رياستي اسيمبلي جي ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اسيمبلي ميمبر ايلوائس ريئس، مائيڪ گپسن ۽ وينڊي ڪيريلو شامل هئا. ڪيليفورنيا جي اسيمبلي ميمبرن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌي?? گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گذريل سال سفارتي لاڳاپن جي 75 ??ين سالگرهه ملهائي. ان پس منظر ۾ 9 جنوري 2023ع تي ڪيليفورنيا ۽ پنجاب جي وچ ۾ ”سسٽر اسٽيٽ ريزوليوشن“ تي صحيحون هڪ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. پنجاب ۽ ڪيليفورنيا گڏيل دلچسپي جي شعبن بشمول واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، ت??لي?? ۽ ثقافتي م??اس??ا ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عوام سان عوام جي رابطي کي ??ڌي?? مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪرس هولڊن وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي ??ڌي?? سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil