پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بونير يو??يو??سٽي جي هوشيار شاگرد کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو. يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ ۽ فاٽا يو??يو??سٽي جي افتتاحي تقريب ۾ بونير يو??يو??سٽي جي هوشيار شاگرد رحمان علي کي به خطاب جو موقعو ڏنو ويو. رحمان علي پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسڪيم کي ساراهيو ۽ چيو ته هي ليپ ٽاپ نه پر هڪ خزانو آهي مون به ليپ ٽاپ وٺڻ چاهيو پئي پر منهنجي والد جي لاءِ گهر جي خرچن سان گڏوگڏ ليپ ٽاپ خريد ڪرڻ ممڪن نه هو، هاڻي هن اسڪيم تحت مون کي به ليپ ٽاپ ملي رهيو آهي، جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جو مستقبل آهن. سڀاڻي وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي انشاءَ الله اهي ئي ماڻهو ويهندا، ??حمان علي جي انهن جملن تي وزيراعظم شهباز شريف سميت هال ۾ موجود سمورن ماڻهن تاڙيون وڄائي ان کي داد ڏنو. وزيراعظم پنهنجي سي?? تان اٿي رحمان علي کي ڀاڪر پاتو ۽ ان سان شفقت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حوصلا ا??زائي ڪئي ۽ پوءِ رحمان علي کي آڻي پنهنجي سي?? تي ويهاريو.
وزيراعظم بونير يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ