اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته عدليه، انتظاميا ۽ سياسي اڳواڻ چونڊون وقت سر منعقد ڪرڻ تي متفق آهن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، اتفاق راءِ سان چونڊ تاريخ تي سپريم ڪورٽ کي ساراهيون ٿا، ڪنهن پارٽي جو نه هر پاڪستاني جو ترجمان آهيان، دنيا پناهگيرن جو بار ونڊڻ ۾ پاڪستان جي مدد نه ڪئي، غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو مناسب قدم آهي، پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي تحريڪ کان فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي، فلسطين جو مسئلو رڳو ٻه رياستي منصوبو آهي، غزه ۾ ٿيندڙ ظلم تي عالمي اڳواڻن جي خاموشي افسوسناڪ آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار وائيس آف آمريڪا کي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. صدر چي?? ته غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو مناسب قدم آهي، معيشت ه??ڻي پناهگيرن جو بار کڻڻ جي سگهه نٿي رکي. هن چي?? ته افغان طالبان دراندازي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا، خاطري جي باوجود ٽي ٽي پي جي خلاف قدم نه کنيا ويا، افغان طالبان کي ثبوت به ڏنا ويا، ڪابل سان رابطي جي کوٽ نه آهي، طالبان عملي قدم کڻن. صدر چي?? ته پاڪستان غزه جي صورتحال تي عالمي فورمز ت?? پنهنجي موقف جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو آهي، فلسطين مسئلي جو حل رڳو ٻه رياستي منصوبو آهي، غزه ۾ ظلم تي عالمي اڳواڻن جي خاموشي افسوسناڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته صدر جو آئيني مدو مڪمل ڪرڻ استحڪام جي علامت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته نواز شريف وزيراعظم چونڊجي آيو ته حلف جي گهرج پوري ڪندس، سياستدان ۽ انتظاميا سميت سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هن چي?? ته ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪرڻ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. صدر چي?? ته صدر وٽ انتظامي اختيار نه آهن، اميدون پنهنجي جڳهه تي پر ڪو اهڙو قدم نٿو کڻي سگهان جنهن جي آئين اجازت نه ڏي، جتي به مسئلا ڏسندس ان جي نشاندهي ڪندو رهندس. هن چي?? ته چونڊن جي تاريخ تي ڪا ڪوتاهي ناهي ٿي. صدر هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چي?? ته عمران خان جي چونڊن ۾ شموليت جو فيصلو عدالت ۾ آهي، بحيثيت صدر عدليه تي اعتماد رکان ٿو. صدر چي?? ته 9 مئي جي مذمت ڪري چڪو آهيان، تشدد جي سياست تي يقين نٿو رکان. هن چي?? ته عام شهرين جي فوجي عدالت ۾ ڪيسن جو معاملو عدالت ۾ آهي، 9 مئي ڪيسن جي فوجي عدالتن ۾ ٻڌڻي تي وقت کان اڳ راءِ جو اظهار نٿو ڪرڻ چاهيان.
عدليه، انتظاميا ۽ سياسي اڳواڻ چونڊون وقت سر منعقد ڪرڻ تي متفق آهن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، اتفاق راءِ سان چونڊ تاريخ تي سپريم ڪورٽ کي ساراهيون ٿا، ڪنهن پارٽي جو نه هر پاڪستاني جو ترجمان آهيان: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں