اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي ذهني ص??اح??تن کي وڌائڻ ۽ ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ انهن جي ??دي?? خيالن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي (نيوٽيڪ) جي اهتمام هيٺ اسپائر پاڪستان جي تعاون سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ (اين آءِ بي) جي ٽئين ايڊيشن جي پڄاڻي واري تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليمي ماهرن ۽ واپاري برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان تمام گهڻين ص??اح??تن، شاندار ذهن ۽ روشن خيالن جا مالڪ آهن جڏهن ته انهن کي پنهنجي خيالن کي چٽاڀيٽي ۽ معياري مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مناسب پليٽ فارم جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار کي گهٽ ڪري سگهجي. صدر جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي اهميت کي ??جاگر ڪندي چيو ته هو علم تي ٻڌل معيشت کي فروغ ڏيڻ جو زبردست حامي آهي. هن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ نيشنل آئيڊيا بئنڪ جهڙن فورمز جي ذريعي ٽيلنٽ هنٽنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي اين آءِ بي جي ڪردار کي ??اراهيو جيڪو ملڪ جي روشن ۽ خوشحال مستقبل ۾ تبديلي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. صدر چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ??دي?? ۽ فني حل کي وقت سر اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ??نٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي چونڊ عمل ۾ ا??يڪ??رانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي استعمال جي وڪالت ڪندو رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نظام تي اشرافيه جي پڪڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن رڳو اشرافيه جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ اها اهم سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. صدر ان ڏس ۾ 26 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي تعليم جو خاص طور تي ذڪر ڪيو جن کي ??عليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ سان گڏوگڏ نئين ڄاول ٻارن جي موت جي شرح جهڙن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ذاتي مفادن تي ٻڌل موجوده عالمي نظام کي ??نقيد جو نشانو بڻايو جيڪو غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن کي ??وڪڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اسپائر جي چيئرپرسن حسن سيد شرڪت ڪندڙن کي نيشنل آئيڊيا بئنڪ بابت آگاهه ڪندي چيو ته هو جدت، تخليقي ص??اح??تن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پليٽ فار طور تي بهترين ذهني ص??اح??ت، ڪاروباري ۽ سُلجهيل ماڻهن کي گڏ ڪري پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ اهم خيالن ۽ قدمن کي ڳولي سگهي ٿو. نيوٽيڪ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) معظم اعجاز چيو ته اين آءِ بي نوجوانن کي پنهنجي ??دي?? آئيڊياز کي ڪامياب مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فار فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نوجوانن کي ??ربيت ۽ رهنمائي ڏيڻ جي لاءِ يونيورسٽين، مارڪيٽن، ڪاروبارن ۽ مقامي صنعتن جو تعاون ضروري آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شهزانه ميمڻ ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 6 هزار کان وڌيڪ ڪاروباري آئيڊياز کي فروغ ڏنو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ مقامي اسٽارٽ اپس قائم ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جي ٽئين سيزن ۾ ا??ڪل 2400 آئيڊياز مليا جن مان 67 آئيڊياز کي قومي سطح جي فاتح طور تي چونڊيو ويو آهي. صدر تقريب ۾ ا??ن آءِ بي سيزن ٿري جي فائنل ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن کي ??يلڊز سان پڻ نوازيو.
نوجوانن جي جديد خيالن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2