اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا موقعا ڳولڻا پوندا، آمريڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي معيشت ۾ جديد ڪاروباري آئيڊياز آڻڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان ست ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي اولين ترجيح پنهنجي معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۽ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو آ??ي ۽ پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ان جي منفي اثرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن. هن چيو ته پاڪستان آبپاشي جي جديد طريقن کي اختيار ڪري پنهنجي زرعي شعب?? کي بهتر بڻائ?? چاهي ٿو. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته آمريڪا پاڪستان جي تعليمي شعب?? کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موسمياتي لحاظ کان لچڪدار اسڪولن جي تعمير جي لاءِ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام مڪمل ڪيو آ??ي. آمريڪي سفير صدر کي ٻيون ڀيرو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا موقعا ڳولڻا پوندا: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد