اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين سان دوستاڻن لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني مهمانن جي سيڪيورٽي جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، چيني ڪ??پنيون ملڪ ۾ درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقا??ي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي چي??رم??ن وو لي جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪ??و جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٿر ڪول بلاڪ ”ون“ پاور جنريشن ڪمپني جو چي??رم??ن ۽ ??يف ايگزيڪويٽو آفيسر مينگ ڊونگ هائي، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، ڊپٽي چي??رم??ن پلاننگ محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي سرپرستي ۾ ه??ايا ويندڙ مختلف منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي چين سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سمنڊ کان گهري ۽ هماليه کان بلند آهي. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪ??پنين ۽ انهن جي ملازمن جي لاءِ سيڪيورٽي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ کي ملڪ م درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقا??ي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته موجوده منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت چيني سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي. اجلاس ۾ وفد وزيراعظم کي مختلف منصوبن جي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ پاڪستان ۾ ٿر ڪول مائن ڊيولپمينٽ ۽ 1320 ميگاواٽ جي ڪ??ئلي سان توانائي پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪ?? ڪري رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي تحت پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چين جي وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي منصوبن جي ذريعي ساليانو 400 ملين ڊالر جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي رهي آهي.
پاڪستان چين سان دوستاڻن لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ