بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپري??ن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لوزائو هو سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان خاص طور تي گوادر جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي آءِ ڊي سي اي جي مختلف منصو??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي نيو گوادر عالمي هوائي اڏي جي ترقي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته نيو گوادر عالمي هوائي اڏي جي هن سال مڪمل ٿيڻ ۽ افتتاح جي اميد آهي. هن پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن ?? ترقياتي منصوبن جي لاءِ چين جي حمايت ۾ سي آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين منصوبن کي جلد لاڳو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منصوبن کي جلد لاڳو ڪرڻ سان سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن جي گڏيل ويزن کي فروغ ملندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania