راولپنڊي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ??مارات جي هڪ ڏينهن ??ي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اط??اع??ت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ گڏيل عرب ??مارات جو هي پهريون دورو آهي. ابوظهبي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب ??مارات جي صدر محمد بن زايد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ گڏيل عرب ??مارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تعل?? رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب ??مارات جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم گڏيل عرب ??مارات جي اعليٰ حڪومتي عهديدارن ۽ اماراتي ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب ??مارات جي وچ ۾ موجود پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم جُون اعليٰ اماراتي قيادت ۽ ڪاروباري برادري سان ملاقاتون حڪومت جي سفارتي ڪاميابين ۽ دوست ملڪن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک