اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ون آن ون ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفا?? ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس اچڻ ??ي وزيراعظم شهباز شريف آذري صدر کي ڀليڪار چوندي چيو ته توهان کي پاڪستان ۾ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ??نه?? ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ ب??تر?? جي لاءِ توهان جو پاڪستان جو دورو انتهائي خوش آئنده ۽ هڪ اهم سنگ ميل آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ اقتصادي، توانائي، سياحت، ثقافتي، تعليمي، ٽيڪنالاجي، صحت جي سارسنڀال ۽ ماحولياتي تعاون، ??نه?? ملڪن جي عوام جي پاڻ ۾ رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ حصيداري کي وڌايو ويندو. وزيراعظم باڪو کي 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ميزباني ملڻ تي آذربائيجان جي صدر کي م??ار??باد ڏني ۽ ان حوالي سان پاڪستان جي ڀرپور معاونت جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ??نه?? اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفا?? ڪيو. بعد ۾ ??نه?? اڳواڻن جي قيادت ۾ ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. بعد ۾ وزيراعظم ۽ آذري صدر ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آذري صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميري ماڻهن جي امنگن موجب آزاداڻي ريفرنڊم ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. آذري صدر چيو ته شروعاتي طور تي آذربائيجان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. هن چيو ته آذربائيجان اسلام آباد جي رنگ روغن ۽ خوبصورتي ۾ اضافي جي لاءِ تعاون ۾ اضافو ڪندو. ??نه?? طرفن باڪو ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اڏامن ۾ اضافي تي پڻ اتفا?? ڪيو. ان کانسواءِ ??نه?? ملڪن اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم آذربائيجان ۾ پاڪستاني چانور جي ڊيوٽي فري برآمد جي فيصلي تي آذربائيجان جي صدر جا خصوصي طور تي ٿورا مڃيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ون آن ون ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال