اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ?? دهشتگردن جو مقابلو ڪندي پاڪ فوج جي ٽن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خر??ج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد قوم جو فخر آهن، پوري قوم احسان مند رهندي، سيڪيورٽي ??ورسز بهادري سان دهشتگردن جي دراندازي ڪوششن کي ناڪام بڻايو، دهشتگردن کي ختم ڪيو. صدر چيو ته پاڪ فوج جي حب الوطني ۽ ايثار جي جذبي کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي، پوري قوم پنهنجي شهيدن کي خر??ج عقيدت پيش ڪري ٿي، قربانيون نه وساريندي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں