اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتون فراهم ڪرڻ واريون پاليسيون جوڙي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه ڪالهه پاڪ برونائي انويسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ س??ود?? پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل انويسٽمينٽ ڪمپنيءَ سميت گڏيل سيڙپڪاري ڪمپنين جي ??مائندن سان جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ڪمپنين جي اڳڀرائي، چئلينجز ۽ مستقبل جي ??نصوبن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻنهي ڪمپنين جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي. سي اي او پاڪ برونائي انويسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (پي بي آءِ سي ايل) ڪمپني جي ??ورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ اهم قدمن جي باري ۾ مختصر جائزو پيش ڪيو. هن ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۽ برونائي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ پي بي سي آءِ ايل جي ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته مالي خدمتون، ريئل اسٽيٽ ۽ ايس ايم اي جي ??دد جي ذريعي صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي سهولت فراه?? ڪئي وئي آهي، ڪمپني انهن شعبن ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ ان جي ??تيجي ۾ ٻه طرفي واپار ۽ اقتصادي استحڪام کي هٿي ملي رهي آهي. سي اي او س??ود?? پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل انويسٽمينٽ ڪمپني ملڪ ۾ اسلامي ماليات، ڊجيٽل فنانس، واپار، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کي هٿي ڏي?? لاءِ ڪمپنيءَ جي اهم ترقياتي قدمن جي باري م بريفنگ به ڏني. اجلاس ۾ انهن ڪمپنين جي آپريشنز جي ??ختلف پاسن سيڙپڪاريءَ سميت حڪمت عملي، ڪارڪردگي جي جاچ ۽ ڪيترين رڪاوٽن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڪمپنين پنهنجي ڪاميابين ۽ چئلينجز جو جائزو پيش ڪيو ۽ آپريشنل رڪاوٽن کي دُور ڪر?? لاءِ پاليسي سپورٽ جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ٻنهي ڪمپنين جي ڪرد??ر کي ساراهيو. هن چيو ته ڪجهه سالن ۾ هدف جي حاصلات جي حوالي سان س??ود?? عرب جو ويزن 2030ع ساراهه جوڳو آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سان س??ود?? عرب جي تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. هن سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ٻنهي ڪمپنين جي ڪردار ۽ منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتون فراهم ڪندڙ پاليسيون جوڙيون پيون وڃن.
سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتن جي حوالي سان پاليسيون جوڙيون پيون وڃن: محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔