اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو گهري ثقافتي ۽ مذهبي اهميت رکندڙ جڳهه تي هڪ سنگين حملو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??ريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو حملو عالمي قانون جي پڻ واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته هٿياربند تڪرار جي صورت ۾ ثقافتي ملڪيتن جي تحفظ جي لاءِ 1954?? جي هيگ ??نو??نشن تحت مذهبي جاين کي نشانو بڻائڻ واضح طور تي منع آهي. هن چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري جي اترئين حصي ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل تازي وڏي پئماني تي فوجي دراندازي تي پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اهو حملو چو??ين جنيوا ??نو??نشن ۽ عالمي قانون جي هڪ ٻي واضح خلاف ورزي آهي جيڪو والاريل علائقن ۾ شهرين کي بنا فرق جي نشانو بڻائڻ کان منع ڪري ٿو.
پاڪستان پاران غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena