اسلام آباد-30 سيپٽمبر (ا?? پي پي) انساني حقن بابت سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پهرين آڪٽوبر تي جڏهن اسان بزرگ شهرين جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، ته اسان کي اهو موقعو غنيمت سمجهڻ گهرجي، پن??نج?? بزرگن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ جو عهد ٻيهر ورجائڻ گهرجي، اچو اسان پن??نج?? بزرگن جي لازوال خدمتن جو اعتراف ڪريون، سندن فلاح ۽ بهبود لاءِ پن??نج?? عزم کي تازو ڪريون، اسان جي بزرگ شهرين جي قيمتي تجربن ۽ انمول بصيرت نه صرف اسان جي معاشري لاءِ اهم آهي پر ان قوم کي درپيش چئلينجن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. بزرگ شهرين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پن??نج?? پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ان پسِ منظر ۾ انساني حقن واري وزارت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ته بزرگن جي حقن جي تحفظ لاءِ قانوني ڍانچي ۽ سماجي پاليسين کي مضبوط بڻايو وڃي، اسان جي ڪوشش جو محور بنيادي خدمتن تائين رسائي، شعور اجاگر ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو ماحو?? جوڙڻ آهي جيڪو بزرگن جي فعال شرڪت جي همت افزائي ڪندو هجي، اڄ ج?? پيچيده مسئلن کي حل ڪندي اسان ان ڳالهه جو خيال رکون ته اسان جا بزرگ معاشرتي ترقيءَ ۾ ه?? اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان کان علاوه انهن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبن وچ ۾ سهڪار ضروري آهي ته جيئن اسان جا بزرگ شهري پاڻ کي محفوظ ۽ قابل قدر محسوس ڪن. اها اسان سڀني جي اجتماعي ذميداري آهي ته انهن جي ضرورتن جو خيال رکون ۽ کين معاشري جو اهم حصو سمجهون. اچو گڏجي پن??نج?? بزرگ شهرين جو احترام ڪريون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته سندن عزت ۽ سارسنڀال لهون جنهن جا هو حقدار آهن.
اچو گڏجي پنهنجي بزرگ شهرين جو احترام ڪريون: سينيٽر اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ