اسلام آب??د- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن هتي الواريز اينڊ مارسل جي ساورن مشاورتي خدمتن جي ايم ڊي رضا باقر سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اي اينڊ ايم عالمي پيشيوراڻي خدمتون فراهم ڪندڙ ناليواري ڪمپني آهي، پاڪستان حڪومت، پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ جي قيام کانپوءِ ان جي فعاليت لاءِ اي اينڊ ايم سان مشاورتي خدمتن جي فراهميءَ جو معاهدو ڪيو هو. ملاقات ۾ رضا باقر ۽ سندس ٽيم پنهنجي حڪمت عملي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي خ??الن جي ڏ?? وٺ ڪئي. اها حڪمت عملي پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ ايڪٽ 2023ع تحت ڏنل ذميوارين مطابق ترتيب ڏني وئي آهي. فنڊ جي قيام جو مقصد ملڪ جي مالي استحڪام کي بهتر بنائڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقع?? کي هٿي ڏيڻ آهي. ناڻي واري وزير اي اينڊ ايم جي خدمتن ۽ رضا باقر جي مهارت کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس مشاورت پاڪستا?? کي درپيش معاشي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.
ناڻي واري وزير سان الواريز اينڊ مارسل جي ساورن مشاورتي خدمتن جي ايم ڊي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا