اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سع??دي عرب معيشت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ سع??دي سيڙپڪاري وارو وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل سع??دي عرب جي وفد جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. صدر وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ پراڻي ۽ هر آزمائش ۾ پوري لهندڙ دوستي جو ذڪر ڪيو. هن دوستاڻي لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ ??بد??ل ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح جو تعاون ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. صدر خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پاڪستان جي گه??ي احترام ۽ سع??دي عرب سان يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ولي عهد ۽ سع??دي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود جي دورانديش قيادت کي پ?? ساراهيو. هن ويزن 2030ع تحت سع??دي عرب پاران ڪئي ويندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مشڪل وقت ۾ سع??دي عرب پاران پاڪستان سان مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. صدر چيو ته سع??دي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جو مشاهدو ڪري کيس خوشي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي سع??دي سيڙپڪاري واري وفاقي وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته سع??دي عرب ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي اهميت، قدرتي وسيلن ۽ قابل تجديد توانائي جي صلاحيت کي تسليم ڪري ٿو. هن چيو ته سع??دي عرب پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندن وفد مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي فروغ ملندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته معاهدي تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ڌرين زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو وفاقي وزير سينيٽر مصدق مسعود ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، وفاقي گه??و وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا کانسواءِ سع??دي سفير نواف بن سعيد المالڪي پ?? موجود هو.
صدر پاران خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي تعمير جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت