اشڪ آ??اد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي اشڪ آ??اد دوري دوران ترڪمانستان جي قيادت سان و?? آن و?? ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين ڪرنگولي بردي محمدوف سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي اڳواڻن ملاقاتن دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??نه?? ملڪن جي اڳواڻن سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
صدر ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ گهرا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ??نه?? ملڪن جا لاڳاپا تاريخ ۽ خطي ۾ ??من ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري عالمي فورم ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – ??من ۽ ترقي جو بنياد“ ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جي دوري تي آهي. فورم 11 آڪٽوبر تي مخدوم گلي فراگي جي پيدائش جي 300هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو.