اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان نيشنل ڊيولپمينٽ ڪمپليڪس ۽ ٽن واپاري ادارن تي آ??ريڪي پابندين تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته پاڪستان اين ڊي سي ۽ ٽن واپاري ادارن تي پابنديون هڻڻ جي آ??ري??ي فيصلي کي بدقسمتي ۽ معتصباڻو قرار ڏي ٿو. پرڏيهي آ??يس پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيتن جو مقصد ان جي خودمختياري جو دفاع ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيون پابنديون امن ۽ سلامتي جي مقصد کان انحراف ڪن ٿيون جنهن جو مقصد فوجي عدم توازن کي وڌائڻ آهي، اهڙي طرح جون پاليسيون اسان جي خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اسٽريٽجڪ استحڪام جي لا??ِ خطرناڪ آهن. بيان موجب پاڪستان جو اسٽريٽجڪ پروگرام هڪ مقدس امانت آهي جنهن کي 240 ملين ماڻهن پاڪستان جي قيادت کي عطا ڪيو آهي. ان امانت جي تقدس کي جنهن کي پوري پوليٽيڪل ??سپيڪٽرم ۾ تمام گهڻي عزت جي نگاهه سا?? ڏٺو وڃي ٿو، تي ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي آ??يس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي نجي واپاري ادارن تي پابنديون هڻڻ تي پڻ افسوس آهي، ماضي ۾ واپاري ادارن جُون اهڙي طرح جون فهرستون بنا ڪنهن ثبوت جي رڳو شڪ تي ٻڌل هيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عدم ڦهلاءُ جي اصولن تي سختي سا?? عمل پيرا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آ??ي جڏهن ته ماضي ۾ ٻين ملڪن کي جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي لا??ِ لا??يسنس جي شرط کي ختم ڪيو ويو آهي. پاڪستان واضح ڪيو ته اهڙي طرح جا ٻٽا معيار ۽ امتيازي طرزعمل نه رڳو عدم ڦهلاءُ جي ڪوششن جي ساک کي نقصان پهچائين ٿا پر علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي پڻ خطري ۾ وجهن ٿا.
پاڪستان پاران نيشنل ڊيولپمينٽ ڪمپليڪس ۽ ٽن واپاري ادارن تي آمريڪي پابندين تي ردعمل، پابندين وارو آمريڪي فيصلو بدقسمتي ۽ معتصباڻو قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد