لاهور-03 جنوري(اي پي پي) لاهور سم??ت ملڪ جي م??تل?? شهرن ۾ شديد ڪوهيڙي سبب پنج اڏامون متبادل هوائي اڏن تي لاٿيون ويون جڏهن ته خراب موسم سبب ٽي اڏامون ملتوي ڪيون ويون ۽ 41 دير جو شڪار ٿيون، شديد ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي ڪيترن ئي هنڌ تان بند ڪيو ويو آهي.پنجاب جي م??تل?? شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿي .اي پي پي کي مليل ڄاڻ موجب ملڪ جي م??تل?? شهرن ۾ شديد ڪوهيڙي سبب فلائ?? آپريشن پڻ متاثر ٿيو ،م??تل?? شهرن ۾ پنج اڏامون متبادل هوائي اڏن تي لاٿيون ويون.خراب موسم سبب ٽي اڏامون ملتوي ٿيون جڏهن ته 41 دير جو شڪار ٿيون. شديد ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي پڻ م??تل?? جاين تان بند ڪيو ويو. موٽر وي ايم 2 لاهور کي ڪوٽ مومن تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو جڏهن ته موٽر وي ايم 3 لاهور کان عبدالحڪيم تائين بند ڪيو ويو آهي. موٽر وي ايم 4 پنڊي ڀٽيان کان ملتان تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. موٽر وي ايم 5 شير شاهه کان روهڙي تائين بند آهي جڏهن ته لاهور سيالڪوٽ موٽر وي ايم 11 کي پڻ ٽريفڪ جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شديد ڪوهيڙو، فلائيٽ آپريشن متاثر
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان