اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جاري مالي سال دوران سڄي دنيا ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 2.9 سي??ڙو تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان جاري 2023ع جي اقتصادي منظرنامي جي عنوان سان هڪ رپورٽ ۾ ڪئي آهي. رپورٽ مطابق 2022ع ۾ عالمي اقتصادي اوسر جي شرح 3.5، 2023ع ۾ 3 سي??ڙو ۽ 2024ع ۾ 2.9 سي??ڙو رهڻ جو امڪان آهي. اسريل معيشتن ۾ مالي سال 2024ع دوران اقتصادي اوسر جي شرح 1.4 سي??ڙو رهڻ جو امڪان آهي. گذريل سال ڄاڻايل معيشتن ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 1.5 سي??ڙو ۽ 2022ع ۾ 2.6 سي??ڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. اڀرندڙ ۽ اسريل معيشتن ۾ جاري مالي سال دوران اقتصادي اوسر جي شرح 4 سي??ڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل معيشتن ۾ گذريل مالي سال دوران اقتصادي اوسر جي شرح 4 سي??ڙو ۽ 2022ع ۾ 4.1 سي??ڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو ته معاشي طور تي ڪمزور ملڪن ۽ معيشتن کي ترقي جي سمر مان لاڀ کڻڻ لاءِ قدم کڻڻ ض??ور?? آهن. آءِ ايم ايف موجب مالي سال 2024ع ۾ آمريڪا جي اوسر جي شرح 1.5 سي??ڙو، جرمني 0.9 سي??ڙو، فرانس 1.3 سي??ڙو، اٽلي 0.7 سي??ڙو، اسپين 1.7 سي??ڙو، ڪينيڊا 1.6 سي??ڙو، چين 4.2 سي??ڙو، ڀارت 6.3 سي??ڙو، روس 1.1 سي??ڙو، برازيل 1.5 سي??ڙو، مراڪش 6.3 سي??ڙو، سعودي عرب 4 سي??ڙو، نائيجيريا 3.1 سي??ڙو ۽ ڏکڻ آفريقا جي اقتصادي اوسر جي شرح 1.8 سي??ڙو رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ مطابق جاري مالي سال ۾ عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي شرح 4.8 سي??ڙو سراسري طور ره??دي جيڪا 2022ع ۾ 9.2 سي??ڙو ۽ 2023ع ۾ 5.9 سي??ڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سال دوران سڄي دنيا ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 2.9 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت