قاهره-12 آڪٽوبر (اي پي پي) عرب پرڏيهي وزيرن غزه ۾ جنگ بند ڪرائڻ لاءِ عالمي بر??دري کان فوري ڪارروائ?? جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته غزه جو گهيراءُ ختم ڪري ۽ شهرين لاءِ امداد جي اجازت ڏني وڃي. عرب خابرو اداري موجب عرب پرڏيهي وزيرن قاهره ۾ هنگامي اجلاس جي ??ڄاڻي تي چيو ته شهرين کي نشانو بڻائڻ تي ڌرين جي ??ذمت ڪريون ٿا، عرب ليگ جي ??ددگار سيڪريٽري جنرل حسام زڪي اجلاس جي ??ڄاڻي تي 12 شقن تي ٻڌل قرارداد جاري ڪئي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته غزه خلاف جنگ فورن بند ڪئي وڃي، سموريون ڌريون صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺن، هن چيو ته جنگ جاري رهڻ جي صورت ۾ انساني مسئلن ۽ خراب صورتحال کان خبردار ڪندي عالمي بر??دير کي چيو ويو آهي ته هو جنگ بند ڪرائڻ ۽ خطي کي خطري کان بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻي. عرب پرڏيهي وزيرن غزه جي ??اڪا بندي ختم ڪرڻ، انساني امداد جي ??هچ جي ??وري اجازت ڏيڻ جو م??البو ڪيو، غزه پٽ?? جو پاڻي ۽ بجلي ڪٽڻ بابت اسرائيلي فيصلي کي رد ڪرڻ تي به زور ڀريو، اجلاس ۾ فلسطيني عوام جي ??نهنجي سرزمين تي ثابت قدمي تي انهن جي حمايت ڪئي ۽ فلسطينين کي سندن سرزمين تان ڪڍڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي سنگين نتيجن کان خبردار ڪيو، اهو به چيو ويو ته فسلطيني علائقن جي تازه صورتحال تي نظر رکڻ لاءِ اجلاس مسلسل جاري رهندو.
غزه جو گهيراءُ ختم ۽ شهرين کي امداد جي اجازت ڏني وڃي: عرب ليگ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار