گڏيل قومون-03 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريش چيو آھي ته اسرائيل، آمريڪا ۽ فرانس جي جنگبندي جي تجويز کي ??د ڪندي نه رڳو پنھنجن حملن ۾ شدت پيدا آڻي لبنان جي گادي واري شھر بيروت سميت سڄي ملڪ ۾ فضائي حملا ڪيا آھن پر ڏکڻ لبنان ۾ زميني فوجي ڪارروائي پڻ شروع ڪري ڇڏي آھي. لبنان ۾ اسرائيل جي حملن سبب پيدا ٿيل صورتحا?? تي غور لاءِ سڏايل سلامتي ڪائونسل جي ھنگامي اجلاس کي ??طاب ڪندي جنرل سيڪريٽري چيو ته تڪرار جي ش??ت ۾ اضافو علائقي جي ماڻھن کي ??يزي سان ب??حالي ۽ زوال ڏانھن ڌڪي رھيو آھي. ھن چيو ته ھاڻ ان غيرانساني صورتحال کي ??تم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي. ھن چيو ته ھڪ ڇڪتاڻ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ٿي. ھن عالمي برادري کي ??بردار ڪيو ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ انھن وٽ تمام گھٽ وقت بچيو آھي. ھن چيو ته اسرائيل ۽ لبنان جي سرحد تي ڪيترين سالن کان تڪرار جاري آھي، پر گذريل سال آڪٽوبر ۾ سياسي تڪرار جي ش??ت ۾ اضافو ٿيو آھي. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته ڇڪتاڻ ڊامائي انداز ۾ وڌي وئي آھي.
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ عالمي برادري وٽ گھٽ وقت آھي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ